تاراهه ڳوٺ

تاراهه ڳوٺ: هالا کان 10 ڪلوميٽر اتر طرف نيشنل هاءِ وي تي اولهندي طرف ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آباد هن ڳوٺ جو نالو ابتدا ۾ ”علي شاهه جو ڳوٺ“ هو. سيد علي شاهه هجرت ڪري هن علائقي ۾ اچي ويٺو، جنهن جي نالي پٺيان پوءِ ”علي شاهه جو ڳوٺ“ سڏجڻ ۾ آيو. روايتن موجب سيد علي شاهه ارڙهين صدي عيسوي جي آخر ۾ هتي رهائش پذير ٿيو، جنهن جي اٺين پيڙهي هن وقت هتي آباد آهي. اها به روايت آهي ته مخدوم نوحرح جي سورهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”مغموم“ جو هن ڳوٺ ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو. هڪ ڀيري مخدوم غلام محمد هن ڳوٺ جي تڙ جي مٺي پاڻي جي مناسبت سان ”وڻ ونجهيري، تڙ تاراهه“ جو فقرو چيو. جنهن کان پوءِ علي شاهه ڳوٺ جو نالو تبديل ٿي ”تاراهه“ ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ڳوٺ جي ڀرسان شاخ ڪڍي وئي ته ان تي به ”تاراهه شاخ“ نالو رکيو ويو.
ڳوٺ تاراهه جي اولهه طرف فرلانگ کن جي مفاصلي تي سيد پنهل فقير جو مقبرو آهي، جنهن تي ڪجهه سال اڳ سيد علي شاهه جي اولاد مان مرحوم سيد غلام نبي شاهه ساليانو ميلو لڳرائيندو، پر سندس وفات بعد اهو سلسلو به بند ٿي ويو. تاراهه ڳوٺ ۾ سيدن کانسواءِ چانڊيا، لاکا، ڳاهوٽي، شيدي، هندو، باگڙي، ڀيل ۽ ڪولهي ذاتين جا لڳ ڀڳ ٻه سئو گهر آهن ۽ سندس آبادي لڳ ڀڳ هڪ هزار جي برابر آهي.


لفظ تاراهه ڳوٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو